اي ڊي خواجه

اي ڊي خواجه

اي ڊي خواجه

اي ڊي خواجه: اي ڊي خواجه (الله ڏنو خواجه) ولد سيٺ عزيز علي خواجه 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. 1982ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج، ڄامشوري مان انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ 1987ع ۾ اين.اي.ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان بي. اي (B.E) جون ڊگريون حاصل ڪيون. 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪرمنالاجي شعبي مان ماسٽرس ڪئي. سي. ايس. ايس ڪرڻ کان پوءِ پوليس کاتي ۾ اي. ايس. پي مقرر ٿيو. هي ڪراچي حيدرآباد، دادو، بدين ۽ شڪارپور سميت سنڌ جي ستن ضلعن جو ايس. ايس. پي رهيو آهي. ان کانسواءِ ڏکڻ ڪراچي ۽ اتر ڪراچيءَ جي ڊي. آءِ. جي سان گڏ ڊائريڪٽر نيب ۽ ڊائريڪٽر ايف. آءِ. اي پڻ رهيو آهي. هي وزير اعليٰ سنڌ سيد مظفر حسين شاهه ۽ سيد عبدالله شاهه جي دؤر ۾ سندن پرسنل اسٽاف آفيسر رهيو. 2016ع کان 2018ع تائين آءِ. جي سنڌ پوليس، 2018ع کان 2020ع تائين آءِ جي موٽر وي ۽ نئشنل هاءِ وي پوليس، 2020ع کان 2021ع تائين وفاقي سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڊويزن، 2020ع کان 2021ع تائين ميمبر وفاقي محتسب اعليٰ سيڪريٽريٽ، 2021ع کان 2023ع تائين ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۽ هن وقت انساني حقن واري وزارت ۾ وفاقي سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. کيس ٽنڊي باگي ۽ شڪارپور جي شھرين توڙي وزيراعليٰ سنڌ ۽ ڪراچي سمال ٽريڊرس ائسوسيئيشن طرفان بھترين ڪارڪردگيءَ جا اعزاز مليل آهن. ان کانسواءِ کيس ٻه ڀيرا صدارتي پوليس ميڊل به ملي چڪو آهي.


لفظ اي ڊي خواجهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو